آچاريه آسودو مل گدواڻي

آچاريه آسودو مل گدواڻي

آچاريه آسودومل ٽيڪچند گدواڻي

آچاريه آسودومل ٽيڪچند گِدواڻي: آچاريه آسودو مل سنگت راءِ گدواڻي، سنڌ جي انهن آڳاٽن ليکڪن مان هو، جن سنڌي نثر ۽ ڪهاڻيءَ کي نئون رنگ ڏنو. 11 سيپٽمبر 1890ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو هو. 1911ع ۾ ايم. اي پاس ڪري آئي سي ايس جو امتحان ڏيڻ لاءِ لنڊن ويو هو، پر آڪسفورڊ ۾ ڪن سياسي ماڻهن سان دوستي هئڻ سبب آئي سي ايس جو امتحان نه ڏنائين. بعد ۾ 1920ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي وڃي گانڌيءَ سان شامل ٿيو. ٻه ڀيرا جيل به ويو. مئٽرڪ ڪراچيءَ مان ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ بمبئيءَ ويو، جتان بي. اي ڪري، 1896ع ۾ ڪراچيءَ واپس وريو. هن پهريائين روينيو کاتي ۾ نوڪري ورتي، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اها ڇڏي، هڪ خانگي اسڪول ۾ ماستر ٿيو. هو پنهنجي صلاحيتن سان ترقي ڪري ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، جتان 1939ع ۾ پينشن ورتائين. هن ڪاليداس جي ناٽڪن، مشهور شاعر رگهونش، ڪمار سنڀو اگهنمتهر جا سنڌي ۾ ترجما ڪيا ۽ ڪيترا ڪتاب شايع ڪيا. 13 جنوري 1935ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو